SD/Prabhupada 0001 - ڏھ لک تائين ڦھلايو۔



Lecture on CC Adi-lila 1.13 -- Mayapur, April 6, 1975

پرَڀُوپادَ: چيتنيا مَھاپرَڀُو سَڀني آچارين کي چوي ٿو... نِتيا نَندا پرَڀُو ، اَدوَئِتا پرَڀُو ۽ شري واسَ اَدي-گورا-ڀَڪتا-وِرندا، ھي سَڀ شري چیتنیا مَھاپرَڀُو جي ھِدايتن کي پھچائيندا آھِن. تنھنڪري آچاريہ طريقي جي راستي جي پیروي ڪرڻ جي ڪوشِش ڪريو۔ پوءِ جيون سَڦل ٿيندو۔ ۽ آچاريہ ٿيڻ تمام مُشڪِل نہ آھي۔ سڀ کان پھرين، پنھنجي آچاریہ جو ھِڪ تمام اِيماندار سيوڪ ٿيڻ لاءِ، ھُو جو بہ چوي ٿو، اُن جو سَختي سان پالن ڪريو۔ ھُن کي خُوش ڪرڻ ۽ ڪرِشنَ چيتنا ڦھلائڻ جي ڪوشِش ڪريو۔ صِرف اِيترو ئي۔ ھي بِلڪُل بہ مُشڪِل نہ آھي۔ پنھنجي گُرو مَھاراج جي ھِدایتن جي پیروی ڪريو ۽ ڪرشنَ چیتنا ڦھلائڻ جي ڪوشِش ڪريو۔ اِھا ئي ڀڳوان چیتنیا جي ھِدايت آھي۔


آماَرا اگاَیا گُرو ھَئِیا تاَرا ئي دیشَ

یاَري دیکا تاَري ڪَھا 'ڪرِشنَ'-اُپديشَ

(چيتنيا چرِيت اَمرِتا مَڌیا ٧.١٢٨)

"منھنجي ھِدایت جي پیروی ڪرڻ سان، توھان گُرو بڻجي ويندا." ۽ جيڪڏھن اسان سَختي سان آچاریہ طریقي جي پیروي ڪريون ٿا ۽ ڪرِشنَ جي ھِدایتن کي ڦھلائڻ جي لاءِ پنھنجي پوري ڪوشِش ڪريون ٿا... ياَري دیکا تاَري ڪَھا 'ڪرِشنَ'-اُپديشَ(چيتنيا چرِيت اَمرِتا مَڌیا ٧.١٢٨). ڪرِشنَ-اُپديش ٻہ قِسم جا ھُوندا آھِن. اُپدیش مَطلب ھِدایت. ڪرِشنَ دوارا ڏنل ھِدایت اُھو بہ ڪرِشنَ-اُپديش آھي ۽ جيڪا ھِدایت ڪرِشن جي باري ۾ حاصِل ڪئي وڃي اُھو بہ ڪرِشنَ-اُپديش آھي. ڪرِشنَسیا اُپدیشَ اِتي ڪرِشنَ اُپدیشَ. سَماساَ، شَستی-تَت-پُرُشَ-سَماساَ. ۽ ڪرِشنَ وِشَیا اُپدیشَ، ھي بہ ڪرِشنَ اُپدیشَ آھي. باہو-وِرِیھي-سَماساَ. ھي سَنسڪرِت گرامَر کي مطالع ڪرڻ جو طریقو آھي. ڪرِشنَ جو اُپديشَ ڀڳوت گیتا آھي. ھُو سِڌو ھِدایت ڏئي رھيو آھي. تنھنڪري جو ماڻھو ڪرِشنَ-اُپديشَ کي ڦھلائي رھيو آھي، صِرف ڪرِشنَ دوارا چيل ڳالھين کي دوھرايو تہ توھان آچاریہ بڻجي ويندا. مُشڪل بِلڪل بہ نہ آھي. ھِتي سَڀ ڪُجھ ٻُڌايو ويو آھي. اسان کي صِرف طوطي وانگُر دوھرائڻو آھي. بِلڪل طوطي وانگر بہ نہ. طوطو مَطلب نہ سَمجھندو آھي؛ ھو صِرف ڳالھائيندو آھي. پر توھان کي مَطلب بہ سمجھڻ گھُرجي، نہ تہ توھان ڪيئن سمجھائي سگھندا؟ تہ، تنھنڪري اسان ڪرِشنَ چیتنا کي ڦھلائڻ چاھيون ٿا. صِرف پنھنجو پاڻ کي تيار ڪَريو تہ ڪيئن ڪرِشنَ جي ھِدایتن کي تمام سُٺي طرح سان دوھرايو وڃي، بِنا ڪنھن غَلط سمجھاڻي جي. پوءِ اِيندڙ وقت ۾...فَرض ڪريو تہ توھان کي هينئر ڏھ ھَزار مِليا آھن. اسان سٶ ھَزار تائين ڦھلاينداسين. اِھو ضَروری آھي. پوءِ سٶ ھزار کان لک ، ۽ لک کان ڏھ لک

ڀڳت: ھري بول! جئي!

پرَڀُوپادَ: تنھنڪري ھِتي آچاریہ جي ڪمي نہ ٿيندي، ۽ ماڻھو تمام آساني سان ڪرِشنَ چیتنا کي سمجھندا. تنھنڪري ھي سَنسٿا ٺاھيو. ڪُوڙي غُرور ۾ نہ رَھو. آچارین جي ھِدايتن جي پیروی ڪريو ۽ پنھنجو پاڻ کي پورو ڪامِل بڻائڻ جي ڪوشِش ڪریو. پوء مَایا سان وڙھڻ تمام آسان ٿي ويندو۔ ہا. آچاريہ ، اِھي مایا جي ڪارين جي خِلاف لڙائي کي ظاھِر ڪن ٿا